اداڪاريءَ ۾ نوان چئلينج قبول ڪرڻ پسند آهي: ڪريتي سينن

اداڪاريءَ ۾ نوان چئلينج قبول ڪرڻ پسند آهي: ڪريتي سينن

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن انڪشاف ڪيو آهي ته فلمن جي چونڊ وقت هوءَ اهڙن منظرن کي خاص اهميت ڏيندي آهي، جيڪي سندس لاءِ اداڪاريءَ جي حوالي سان نئون چئلينج ثابت ٿين.اداڪارا جو چوڻ آهي ته هوءَ هر فلم ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو منظر ضرور ڳوليندي آهي، جنهن کي ڏسي کيس پاڻ به اهو سوال ڪرڻو پوي ته ڇا هوءَ اهو ڪردار ڪاميابيءَ سان نڀائي سگهندي يا نه. اهڙا منظر کيس پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ اداڪارا طور پنهنجي حدن کان اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏيندا آهن.تازو هڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪريتي سينن کان پڇيو ويو ته ڇا ڪڏهن ڪنهن ڪردار جي ڪهاڻي ٻڌڻ کان پوءِ کيس اهو ڪردار نڀائڻ ۾ ڏکيائي يا خوف محسوس ٿيو؟ ان تي اداڪارا ٻڌايو ته کيس اهڙا منظر ڪرڻ پسند آهن، جن ۾ ڪجهه مختلف ڪرڻ جو موقعو ملي، خاص طور تي جذباتي شدت سان ڀرپور فلمن ۾.ڪريتي سينن پنهنجي 2024ع جي فلم ”دو پتي“ جو مثال ڏيندي هڪ ڏکئي منظر جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ کيس سوميا ۽ شيلي نالي ٻه مختلف ڪردار ادا ڪرڻا هئا.اداڪارا موجب، ان منظر ۾ سوميا جذباتي طور ٽٽي پوي ٿي ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان گڏ ماءُ جي يادن ۾ الجهي وڃي ٿي، جڏهن ته ساڳئي منظر ۾ ٻيو ڪردار شيلي به موجود هوندو آهي. ٻنهي ڪردارن کي ڪنهن ٻئي اداڪار جي مدد کانسواءِ پاڻ ئي نڀائڻو هو، جنهن ڪري منظر جي عڪسبندي لاءِ تفصيلي رٿابندي ۽ ريهرسل ڪرڻي پئي.ڪريتي ٻڌايو ته کيس ٻنهي ڪردارن جي چرپر، اشارن ۽ هڪ ٻئي جي ردعمل جو اڳواٽ تعين ڪرڻو پيو، ته جيئن منظر کي حقيقت جي ويجهو انداز ۾ پيش ڪري سگهجي.اداڪارا جو چوڻ هو ته اهڙن ڏکين منظرن کي نڀائڻ جو طريقو ڳولڻ ئي کيس هڪ اداڪارا طور اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏئي ٿو.ڪريتي سينن هيل تائين مختلف موضوعن ۽ صنفن جي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي، جن ۾ ”تيري باتون ۾ اَيـسا الجها جيا“ ۽ ”دو پتي“ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو