ڪوئٽا 5 وڪيٽن تان اسلام آباد کي هارائي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽا گليڊيئٽرز ڀرپور مقابلي بعد اسلام آباد يونائيٽڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ڪوئٽا ٽاس کٽي اسلام آباد يونائيٽڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. راولپنڊي ۾ کيڏي ويندڙ ٻئي مرحلي جي اهم ميچ ۾ اسلام آباد يونائٽڊ مقرر اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنز ٺاهيون. بعد ۾ ڪوئٽا 2 بال باقي هئا ته گهربل ٽارگٽ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ کٽي ورتي. بين ڪٽنگ زبردست حتنگ ڪندي 4 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 17 بالن تي 42 ناٽ آئوٽ ٺاهي مين آفي دي ميچ رهيو.

جيسن راءِ ففٽي هنئي ۽ سرفراز 33 رنز اسڪور ڪيون. ان کان اڳ ليوڪ رونڪي ۽ منرو اننگ جي شروعات ڪئي. پهريون اوور سهيل خان ڪرايو جنهن ۾ رونڪي 3 بالن تي 11 رنز ورتيون ۽ منرو 3 بال کيڏي ڪا رن نه ٺاهي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو