ڀارت سان ڳالھين جي بحالي نئين دهلي جي رويي سان مشروط

ڀارت سان ڳالھين جي بحالي نئين دهلي جي رويي سان مشروط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت سان ڳالهين جي ٻيهر شروعات جو فيصلو نئين دهلي جي رويي ۽ قدمن تي دارومدار رکي ٿو، جڏهن ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي کي ڀارت پاران هڪطرفي طور معطل ڪرڻ واري فيصلي کي قبول نٿو ڪري.پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدو هڪطرفو معطل ڪرڻ جو اختيار ناهي. پاڪستان طرفان ڳالهين جي بحالي جو دارومدار ڀارتي قدمن تي هوندو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين کان وڌيڪ اثرائتو ڪو رستو ناهي. جنگ شروع ٿيڻ تي هن ايراني پرڏيهي وزير سان رابطو ڪري صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان عالمي تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. خطي ۾ پائيدار امن لاءِ نئين سيڪيورٽي فريم ورڪ جي جوڙجڪ به ضروري ٿي وئي آهي. هن عالمي سياست ۾ بلاڪ بندي واري رجحان بابت چيو ته گروپ بندي مسئلن جو حل ناهي. پاڪستان مستقبل ۾ به آمريڪا ۽ چين ٻنهي سان متوازن ۽ دوستاڻا لاڳاپا برقرار رکڻ جي پاليسي تي عمل ڪندو. نائب وزيراعظم موجب پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر تي ٻڌل چار ملڪي فورم ’آر فور‘ جو ايندڙ اجلاس ايندڙ مهيني جرمني ۾ ٿيندو، جڏهن ته استنبول ۾ ٿيل اجلاس ۾ يورپي ملڪن جي شرڪت کانپوءِ اهو فورم ’اي فور‘ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان يورپي ملڪن کان جي ايس پي پلس واپاري سهولت جاري رکڻ لاءِ سهڪار ۽ حمايت جو خواهشمند آهي. ان کانسواءِ پرڏيهي سيڙپڪارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملڪ ۾ خاص فورس پڻ قائم ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو