لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي منصوره ۾ حافظ نعيم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لاهور ۾ منصوره جو دورو ڪيو ۽ جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي صورتحال ۽ امن امان جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال ۽ امن امان جي قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. وفاقي گهرو وزير ۽ جماعت اسلامي جي امير آئنده به مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. انهي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻو آهي.جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان انهي موقعي تي چيو ته عوام کي رليف جي فراهمي سڀني کان اهم ترجيح هجڻ گهرجي. مهانگائي جي هن دور ۾ عوام جو گذارو تمام گهڻو ڏکيو بڻجي ويو آهي، حڪومت کي گهرجي ته غريب عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي.










