حيدرآباد:(ن س ) صوبائي وزير بلديات سنڌ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ هڪ آھي ھڪ ھئي۽ هڪ ئي رهندي، صوبي جي ورهاڱي بابت ڪنهن به تجويز کي قبول نه ڪيو ويندو. نئين صوبي جي قيام لاءِ آئين ۾ واضح طريقيڪار موجود آهي، جنهن تحت لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لازمي آهي، سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو.صوبائي وزير ناصر شاھ قاسم آباد ۾ لائبريري جي سنگِ بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن ترقي ۽ خوشحالي آهي، جنهن تحت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، حيدرآباد لاءِ اربين روپين جو خصوصي ترقياتي پيڪيج ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سرمست هائوسنگ اسڪيم جا بند پيل ڪم ٻيهر شروع ڪرايا ويا آهن ۽ گرلز ميڊيڪل يونيورسٽي جو منصوبو پڻ جاري آهي،صوبائي وزير جو چوڻ هو ته قاسم آباد ۾ حد دخلين جو خاتمو آڻي لائبريري جي قيام جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، دائود پوٽا لائبريري ٻاهران نوجوانن جون ڊگهيون قطارون لڳل هونديون آھن، تنهنڪري نوجوانن کي بهتر تعليمي ۽ مطالعاتي سهولتون فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏيڻ لاءِ تعليمي ادارا قائم ڪيا پيا وڃن.ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پيپلز پارٽي صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن ائين هجي ها ته عوام هر چونڊ ۾ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڇو ڏئي ها؟ هن چيو ته سمورين سياسي مشڪلاتن باوجود پارٽي عوام جو اعتماد حاصل ڪندي رهي آهي، شرجيل انعام ميمڻ کي جيل ۾ هجڻ باوجود عوام ووٽ ڏنا، تنهنڪري سياسي بيانن ۽ تنقيد کي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي،ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو واضح موقف آهي ته وزيراعظم کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، پر وزيراعظم طرفان هن وقت تائين صوبن بابت اهڙي ڪا ڳالهه سامهون نه آئي آهي، وفاقي وزيرن، واپاري شخصيتن ۽ ڪجهه دانشورن پاران نون صوبن جي قيام ۽ ريفرنڊم بابت فارمولو پيش ڪرڻ غيرضروري بحث کي جنم ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته ان لاءِ آئين ۾ واضح طريقيڪار موجود آهي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي مختلف وقتن تي صوبي جي ورهاڱي خلاف قراردادون منظور ڪري چڪي آهي ۽ سنڌ جو عوام به پنهنجي صوبي جي وحدت بابت واضح موقف رکي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهيون ۽ سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪيو ويندو.










