سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ڏڪار   واري صورتحال جو خدشو

سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ڏڪار واري صورتحال جو خدشو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ڏڪاري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.موسميات کاتي موجب برساتن ۾ مسلسل گهٽتائي سبب ايندڙ ٽن مهينن دوران ڏڪاري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جولاءِ کان نومبر تائين لڳاتار معمول کان گهٽ برساتون پيون آهن.سنڌ ۾ سيپٽمبر دوران معمول کان 90 سيڪڙو گهٽ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون، جڏهن ته آڪٽوبر ۾ برساتن جي شرح ۾ 100 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. اهڙيءَ طرح پهرين کان 20 نومبر تائين سنڌ ۾ معمول کان 99 سيڪڙو گهٽ برساتون پيون.موسميات کاتي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ آڪٽوبر دوران معمول کان 80 سيڪڙو گهٽ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون، جڏهن ته نومبر جي پهرين 20 ڏينهن ۾ برساتن ۾ 79 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي.ٻئي طرف ڊسمبر کان فيبروري تائين سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ معمول کان گهٽ برساتن جو امڪان آهي. برساتن جي کوٽ سبب ڪڻڪ سميت ربيع جي فصلن کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته برساتون نه پوڻ سبب زمين ۾ نمي گهٽجڻ ۽ زيرزمين پاڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ وڌڻ جو خدشو آهي.ان کانسواءِ برساتن تي ڀاڙيندڙ علائقن ۾ فصل پوکيندڙ ۽ چوپايو مال پاليندڙ خاندانن کي وڌيڪ خطرا درپيش آهن. صوبائي حڪومتن کي ڏڪار کان متاثر ٿي سگهندڙ علائقن ۽ آبادين جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب ڏڪار بابت الرٽ رڳو احتياطي قدم آهي، هنگامي صورتحال جو اعلان ناهي ڪيو ويو. ڏڪاري صورتحال جو ايندڙ جائزو 5 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو