خان ۽ بشريٰ جي سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي 25 نومبر تي مقرر

خان ۽ بشريٰ جي سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي 25 نومبر تي مقرر

اسلام آباد )بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي 25 نومبر تي مقرر ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ٻڌڻيءَ جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي. چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي.گذريل ٻڌڻيءَ تي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر تياري لاءِ ٻن هفتن جي مهلت گهري هئي، پر عدالت هڪ ڪيس جي تياري لاءِ رڳو هڪ هفتي جو وقت ڏنو هو.بيرسٽر سلمان صفدر اپيلن جي ٻڌڻي سڌي سنئين نشر ڪرڻ جي به درخواست ڏئي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو