لاڙڪاڻي ۾ پوليس مقابلا، 2 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

لاڙڪاڻي ۾ پوليس مقابلا، 2 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

لاڙڪاڻو(ن س) لاڙڪاڻي ۾ پوليس سان مقابلن دوران ٻه ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا. ايس ايس پي اظهر خان ٻڌايو ته مقابلا وليد ۽ رتوديرو وارن علائقن ۾ ٿيا، جتي گشت تي مقرر پوليس اهلڪارن ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڏوهاري زخمي ٿي پيا. اظهر خان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ عباس ابڙو ۽ اعجاز سهاڳ طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندن ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ٻئي ڏوهاري سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هئا. زخمين کي شروعاتي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو