اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ادارن ۾ ڪرپشن جي نشاندهي، حڪومت پهريون ڀيرو جامع رپورٽ تيار ڪري ورتي.گريڊ 17 کان مٿي جي آفيسرن جا اثاثا پڻ ظاهر ڪيا ويندا.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته 25 وفاقي ادارن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن چيو ته سڌارن بابت 400 کان وڌيڪ قدم مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 159 قدم ايندڙ پنجن سالن دوران مڪمل ڪيا ويندا.










