ڪورونا وائرس، سعودي پابندي، پي آءِ اي جون سڀ اڏامون رد

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ڪورونا وائرس سبب عمرو ادا ڪرڻ ۽ سياحت لاءِ ايندڙن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. جنهن بعد لاهور مان جهاز ۾ سوار ٿيل 340 مسافرن کي لاهي گهر روانو ڪيو ويو. ڪيترن مسافر گوڙ ڪيو ۽ جهاز مان لهڻ کان انڪار ڪيو. مديني ويندڙ ان اڏام جي مسافرن کي سعودي عرب حڪومت جي فيصلي کان آگاهه به ڪيو ويو پر مسافر يقين نه پيا ڪن.جڏهن ته رات 10.30 واري اڏام جي مسافرن کي فون ڪري چيو ويو ته ايئرپورٽ نه اچو. پي آءِ اي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي ويندڙ اڏامن جي بڪنگ رد ڪينسل ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل ويزا به معطل ڪري ڇڏيا آهن. سعودي اختيارين جو چون آهي ته پابندي عارضي آهي پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته پابندي ڪيستائين ختم ٿيندي. مڪي ۽ مديني ۾ به پابندي لڳائي وئي آهي. اهو به واضح ناهي هن سال حج دوران سعودي حڪومت جي پاليسي ڇا هوندي. هر سال لکي ماڻهو عمرو ادا ڪندا آهن ۽ 25 لک کان وڌيڪ حج جا پانڌيئڙا ايندا آهن. سعودي عرب آڪٽوبر کان هن مهل تائين 4 لک سياحتي ويزا جاري ڪيا آهن ۽ سندن ٽارگٽ آهي ته 2030 تائين 10 ڪروڙ ماڻهو سعودي جي سير ۽ سياحت تي اچن. هن مهل تائين سعودي عرب ڪو به ڪورونا وائرس جو ڪيس ظاهر ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو