ڪورونا وائرس 2 ڪيسن جي تصديق، سنڌ بلوچستان ۾ تعليمي ادارا بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس پاڪستان به پهچي ويو 2 ڪيسن جي تصديق ٿي وئي، هڪ ڪراچي ۽ ٻيو گلگت ۾ ظاهر ٿيو آهي. ٻئي ايران کان واپسي تي وائرس ۾ مبتلا ٿيا، ٻنهي کي اڪيلائپ ۾ رکيو ويو آهي. سنڌ حڪومت خميس ۽ جمعي تي سڄي صوبي ۾ سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته بلوچستان ۾ 15 مارچ تائين سڀ تعليمي ادارا ۽ مدرسا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صحت بابت وزيراعظم جي مشير داڪٽر ظفر مرز ڪوئٽا ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته مريضن جي سڃاڻپ جاري نه ڪنداسين ۽ هن ميڊيا کي به اپيل ڪئي ته مريضن جا تفصيل ظاهر نه ڪيا وڃن. هن چيو ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي حڪومت منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ياد رهي ته ايران ۾ 50 جي لڳ ڀڳ وائرس جا مريض طاهر ٿيڻ بعد پاڪستان تفتان بارڊر بند ڪري ڇڏي هئي. ايران ۽ افعانستان سان سرحد تي اسڪريننگ سينٽر قائم ڪيا آهن. چين کانپوءِ خطي ۾ ڀارت، افغانستان ۽ ايران ۾ وائرس ڦهليو هو پر پاڪستان محفوظ هو پر هاڻي پاڪستان ۾ به 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. ڪراچي ۾ 22 سالن جو نوجوان 20 فيبروري تي ايران کان موٽيو ۽ نجي اسپتال ۾ کيس رکيو ويو آهي. ياد رهي ته هن مهل تائين پوري دنيا ۾ 2700 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 81هزار کان مٿي ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿيا آهن. جن مان رڳو چين ۾ 2633 ماڻهو فوت ۽ 71هزار کان مٿي وائرس ۾ مبتلا آهن. ٻئي پاسي سعودي عرب ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ عمري ۽ سياحت تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو