اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ انهي جي پٽ مولانا اسعد محمود کان حڪومت طرفان فراهم ڪيل سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.ذريعن موجب گذريل رات وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڊيره اسماعيل خان ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي مقرر ايف سي کي واپس گهرايو ويو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان سان گڏ مقرر پوليس جي سموري سيڪيورٽي به ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا.اهڙي طرح مولانا فضل الرحمان جي پٽ مولانا اسعد محمود کان به ايف سي ۽ پوليس جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي. سيڪيورٽي اهلڪارن کي 15 منٽن جي اندر پنهنجون ڊيوٽيون ڇڏي واپس روانو ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون.سيڪيورٽي برانچ ڊيره اسماعيل خان موجب گذريل رات دير تائين سيڪيورٽي برانچ طرفان پوليس اهلڪارن جي سيڪيورٽي ڪلوز ڪئي وئي هئي جڏهن ته اڄ صبح ڊسٽرڪٽ پوليس به مولانا فضل الرحمان ۽ انهي جي پٽ سان گڏ مقرر پوليس اهلڪارن کي واپس گهرائي سيڪيورٽي ڊيوٽيون ختم ڪري ڇڏيون، سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي انهي قدم کان پوءِ سياسي، سماجي حلقن ۾ مختلف سوال اٿاريا پيا وڃن.جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي ترجمان ڪارڪنن کي تيار رهڻ جو پيغام ڏيندي چيو آهي ته جي يو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف رياستي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين. اسلم غوري جو چوڻ هو ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي سموري سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، هڪ طرف ٿريٽ ليٽر ۽ ٻئي طرف سيڪيورٽي جي واپسي حڪومت ڪهڙو پيغام ڏئي رهي آهي. جي يو آءِ قيادت کي ڪوبه نقصان پهتو ته حڪمران ذميوار هوندا.جي يو آءِ ترجمان چيو ته جمعيت جي اڳواڻ جي پرسنل سيڪريٽري مفتي ابرار ۽ انهي جي سمورن گهر ڀاتين جي خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. جي يو آءِ ترجمان رات دير سان مفتي ابرار جي گرفتاري جي آڙ ۾ اسلام آباد ۾ جڳهه جڳهه تي ڇاپا هنيا ويا.اسلم غوري چيو ته حڪمران ٻڌائين ته جي يو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڇو ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي؟ حڪمران جيڪو ٻچ پوکي رهيا آهن سڀاڻي انهن کي ڪٽڻو پوندو. ڪارڪن الرٽ رهن، جي يو آءِ اڳواڻ جي تحفظ لاءِ ڪنهن به وقت سڏ ڏئي سگهجي ٿو.










