ادارن جي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ نظام جڙي چڪو: وزيراعظم

ادارن جي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ نظام جڙي چڪو: وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پي ايم او ايس جي تحت قومي غذائي تحفظ واري وزارت جي ڪارڪردگي تي جائزه اجلاس اڄ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو.اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته پي ايم او ايس جي شڪل ۾ وفاقي وزيرن، ڊويزنن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان هڪ انتهائي موثر نظام جڙي چڪو آهي. هن چيو ته انهي سسٽم جي تحت ڏنل حدف ۽ ٽائم لائنز ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه دير برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم پي ايم او ايس کي وڌيڪ بهتر ۽ ڪارگر بنائڻ ۽ انهي حوالي سان لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ رابطه وڌائڻ جي هدايت به ڪئي.وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي مضبوطي ۽ زرعي شعبي جي پائيدار ترقي ۾ جديد تحقيق کي بنيادي اهميت حاصل آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان جي حڪومت زراعت جي شعبي ۾ تحقيقي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن سرپرستي ۽ ڀرپور مالي مدد فراهم ڪندي ته جيئن جديد طريقن سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. انهي سان گڏوگڏ پوکائي جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ في ايڪڙ پيداوار ۾ خاطر خواهه اضافي لاءِ جديد زرعي مشينري جو استعمال ضروري آهي جنهن جي آبادگارن تائين آسان فراهمي کي يقيني بنائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.اجلاس کي پي ايم او ايس جي تحت قومي غذائي تحفظ واري وزارت جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ زرعي جنسن جي اسٽوريج جي صلاحيت بهتر بنائڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سموري ملڪ مان هارين جي رجسٽريشن جي لاءِ(ميرا ڪسان) ڊيجيٽل ايپليڪيشن جي شروعات به ڪئي وئي آهي. حڪومتي سطح تي زرعي شعبي ۾ اداره جاتي اصلاحات به ڪئي پئي وڃي. انهي حوالي سان نيشنل ايگريڪلچر اينڊ فوڊ سيڪيورٽي ايڊوائزري ڪونسل جوڙي وئي جنهن جي سيڪريٽريٽ ڪم شروع به ڪري ڇڏيو آهي.اجلاس کي پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪونسل جي نئين سري سان جوڙجڪ تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هارين کي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي نقصان کان بچڻ جي لاءِ فصلن جي انشورنس جي ڪوريج ضروري آهي. زرعي انشورنس کي بهتر بنائڻ تي ڪم جاري آهي.اجلاس ۾ وفاقي وزير قومي غذائي تحفظ، تحقيق رانا تنوير حسين، وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال، وفاقي وزير اقتصادي معاملا احد خان چيمه، وفاقي وزير واپار ڄام ڪمال خان، وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيليڪام شزا فاطمه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو