ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سربراهه ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي پريس ڪانفرنس تي سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ ترجمانن سخت رد عمل ڏنو آهي.سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته قومي فيصلا آئين، جمهوري اصولن ۽ عوامي خواهشن کي آڏو رکندي ڪرڻ گهرجن، سنڌ جي ورهاست جي ڪابه ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي ، لسانيت جي بنياد تي عوام کي ويڙهائڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.صوبائي وزير بلديات ناصر شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس قومي يڪجهتي، ملڪي بهتري ۽ عوامي امنگن جي ڀرپور ترجماني هئي. هن چيو ته اهم قومي فيصلا آئين، جمهوري اصولن ۽ عوامي خواهشن کي آڏو رکندي ئي ڪرڻ گهرجن. ٻئي صورت ۾ انهي جا نتيجا مثبت نٿا ٿي سگهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اهميت جي فيصلن ۾ پارليامينٽ کي نظر انداز ڪرڻ جي منفي اثرن جي وقت تي نشاندهي ڪئي آهي.ناصر شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس قومي مسئلن جي نشاندهي سان گڏ انهي جي حل لاءِ قابل عمل تجويز تي ٻڌل هئي. بلاول ڀٽو زرداري جي پيش ڪيل تجويز کي مثبت انداز ۾ ورتو وڃي ته پيش ايندڙ قومي مسئلن جي حل جا رستا کلي سگهن ٿا.هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خواهش آهي ته ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ بجاءِ سياسي مڪالمي ۽ مفاهمت جي ذريعي سڀني جي لاءِ اڳيان وڌڻ جا رستا کوليا وڃن، قومي معاملن تي گڏيل دانشمندي ۽ مشاورت سان فيصلا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جمهوريت ۽ پارليمااني سياست جو بنيادي گهرج آهي ته سمورين سياسي طاقتن کي گڏ کڻي اڳيان وڌيو وڃي. اها حقيقي عوامي نمائندگي ۽ قومي يڪجهتي جو رستو آهي. پارليامينٽ کي بااختيار بنائڻ، سمورين سياسي طاقتن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ قومي معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جمهوري نظام جي استحڪام لاءِ ضروري آهي.اسماعيل راهو چيو ته ريفرنڊم فقط انهي قومي مسئلي تي ڪرائي سگهجي ٿو جنهن تي آئين خاموش هجي يا ڪنهن به قسم جا وسوسا نه هجن، صوبن جي معاملي تي آئين ۾ واضح طريقيڪار لکيل آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي هميشه اها روايت رهي آهي ته اقتداري حڪمرانن جي جي حضوري ڪندي رهي آهي. سنڌ جي عوام ۽ سموريون سياسي پارٽيون سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ نٿيون چاهين هن چيو ته خالد مقبول صديقي ايم ڪيو جا ٻيا اڳواڻ پرچي ذريعي وزير ۽ چونڊيل نمائندا آهن. پرچي تي آيلن کي آئين جمهوريت جو درس ڏيڻ جي بجاءِ پهريان سنڌ جي عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم پنهنجي ماضي کي ياد رکي ۽ سنڌ جي عوام جي جذبن سان کيڏڻ کان پاسو ڪري.سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتا افضال سيد چيو ته پيپلز پارٽي قيادت ۽ ڀٽو خاندان جي خلاف ذاتي زبان سياسي، فڪري جي نشاني آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو تي ڳالهائڻ کان اڳ خالد مقبول صديقي پنهنجي مٿان را جو ايجنٽ هجڻ جو ليبل هٽائي. خالد مقبول صديقي کي پنهنجي ئي پارٽي جو اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال را جو ايجنٽ قرار ڏئي چڪو آهي. سمعتا افضال سيد چيو ته پاڪستاني پاسپورٽ ڦاڙي ڀارتي پاسپورٽ تي آمريڪا ويندڙ اڄ اسان کي حب الوطني جو درس ڏئي رهيا آهن ڀارتي پاسپورٽ تي سفر ڪندڙ اڄ پاڪستان، آئين ۽ قومي يڪجهتي جي سڀني کان وڏا ٺيڪيدار بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ کي اوهان جيان زبان جي بنياد تي لاش، قتل، غارت ۽ معاشي تباهي ناهي ڏني، پيپلز پارٽي ملڪ کي آئين ڏنو، ايٽمي طاقت بنايو، ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني گهرو روزگار ڏنو.هن چيو ته خالد مقبول صديقي ٻڌائي ته 1984ع کان 2013 تائين ڪراچي ۾ زبان جي نالي تي ماڻهن جو رت وهائيندڙ ڪير هئا، ڪراچي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ 248 پوليس اهلڪارن کي قتل ڪندڙ ڪير هئا، سڀني کي خبر آهي. هن چيو ته کلن جي لاءِ ڪراچي جي شهرين جي کل لاهيندڙ ڀته خورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز کي سڀ سڃاڻين ٿا. خالد مقبول صديقي ٻڌائي ته ڪراچي ۾ ڪيترن ڏهاڪن تائين قتل ٿيندڙ بي گناهه شهرين ۽ يتيم ٻارن جو حساب ڪير ڏيندو. وفاقي وزير کي بلاول جي سياست، قدامت ۽ قومي يڪجهتي تي ليڪچر ڏيڻ کان اڳ پنهنجي سياسي اوقات جو جائزو وٺڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم وارا سنڌ جي شهري ۽ ڏوراهين عوام کي هڪ ٻئي سان وڙهائڻ جي ڪوشش بند ڪن.هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان سکهديو هيمناني چيو ته مخالف مقبول خوامخواهه ۾ ايم ڪيو ايم جو چيئرمين بڻيل آهي. خالد مقبول کي پنهنجي ئي پارٽي جا ماڻهو چيئرمين نٿا مڃين. خالد مقبول نوان صوبا ٺاهڻ کان اڳ پنهنجي بکريل پارٽي کي سنڀالين. هن چيو ته سنڌ ۾ 65 سيڪڙو آبادي ورهاست جي حق ۾ هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. ايم ڪيو ايم نون صوبن جي آڙ ۾ لسانيت جي باهه ٻاري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم ماضي ۾ به سنڌ ۾ ورهاست ۽ لساني فائدن کي هوا ڏني، لساني ۽ نفرت جي سياست سبب ايم ڪيو ايم شهرين علائقن ۾ ختم ٿي وئي.سکهديو هيمناني چيو ته سنڌ انتظامي يونٽ نه پر رياست پاڪستان جي ٻئي وڏي پارٽي آهي، چيئرمين پيپلز پارٽي ڌمڪي ناهي ڏني. دليلن سان حقيقتون ٻڌايون آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي لساني پارٽي هجي ها ته شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت تي پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي ها؟ اڄ گوڙ ڪندڙ ڪالهه الطاف حسين جي ٽيم ۾ هئا، الطاف جي دور ۾ انهن جي ڪردار جو احتساب ٿئي ها ته اڄ اهي سڀ دهشتگردي جي ڪيسز ۾ سزا ڀوڳي رهيا هجن ها. هن چيو ته عوام ايم ڪيو ايم جي تشدد جي سياست ووٽ سان رد ڪئي. جڏهن ته پيپلز پارٽي کي هر ڀيري وڌيڪ مينڊيٽ ڏنو. انهي مينڊيٽ جو بدلو ايم ڪيو ايم سنڌ جي عوام کان وٺڻ چاهي ٿي.










