مڙس ۽ ساهورن جي تشدد جو نشانو بڻيل عورت فوت

مڙس ۽ ساهورن جي تشدد جو نشانو بڻيل عورت فوت

حيدرآباد (ن س ) حيدرآباد ۾ ھڪ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آھي، مڙس ۽ ساھورن جي تشدد جو نشانو بڻيل 29 سالن جي سدرا فوت ٿي وئي ، وارثن پاران حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان لاش رکي احتجاج ڪيو ويو ، ٽن ٻارن جي ماء آخري جو لاش حيدرآباد پريس ڪلب جي سامھون ايمبولينس ۾ آندو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته سندس مڙس نعمان خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. حيدرآباد جي علائقي نوراني بستي جي رھواسڻ مسمات ياسمين سندس مقتولا ڌي جو لاش پريس ڪلب جي اڳيان رکي احتجاج ڪندي الزام ھنيو ته سدره جي شادي 9 سال اڳ نعمان نالي شخص سان ٿي ھئي، منھنجي ڌي کي ساھورن ۽ سندس مڙس پاران تشدد ڪيو ويندو ھو، ھن وقت به منھنجي ڌي ڳورھاري ھئي جيڪا اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.جڏھن ته سندس مڙس منھنجي ڌيءَ جي ڪا سار سنڀال به نه لٿي، نعمان پنھنجي پھرين گھرواري کي به قتل ڪيو ھو، اسان ايس ايس پي حيدرآباد شاھزيب چاچڙ ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته واقعي جي جاچ ڪري جوابدار نعمان خلاف ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو