سنڌ جي وحدت ۽ بقا لاءِ آخري دم تائين جدوجهد جاري رکي ويندي

سنڌ جي وحدت ۽ بقا لاءِ آخري دم تائين جدوجهد جاري رکي ويندي

سکر:(ن س) ڪراچي بار جو صدر عامر نواز وڙائچ سکر پهچي ويو جتي هن سکر هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ بقا لاءِ آخري دم تائين جدوجهد جاري رکي ويندي، سنڌ جي وحدايت تي ڪوبه وار برداشت نه ڪيو ويندو.ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ سکر هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ميرٽ تي پورو نه لهندا آهن اهي تنقيد ۽ پروپيگنڊا بدران ڪردار ڪشي ڪرڻ تي لهي ايندا آهن هن چيو ته امجد شاهه سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪرڻ جو وچن ڪيو هو ۽ ان حوالي سان باقاعده تقريرون پڻ ڪيون هيون، جنهن سبب هو 900 کان وڌيڪ ووٽن جي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيوعامر نواز وڙائچ وڌيڪ چيو ته اسان لاءِ سڀ کان پهرين سنڌ آهي، سنڌ کان وڌيڪ اسان لاءِ ڪجهه به ناهي. جيڪڏهن واعدن تي عمل نه ڪيو ويو ته اهڙن ماڻهن جو ساٿ ڇڏي ڏينداسين. هن واضح ڪيو ته سنڌ جي وحدت جي حفاظت ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد جاري رکي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو