راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم فتنته الخوارج جا 22 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب 16 ۽ 17 نومبر تي خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيا ويا. ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 15 خوارج مارجي ويا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ضلعي بنون ۾ ٻن الڳ جهڙپن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٽانڪ ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد مارجي ويو.مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا، جڏهن ته ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن جاري آهن.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ مان ٻاهرين سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.










