لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ۽ ميزبان حنا بياض عورتن جي مڙسن تي مڪمل ڀاڙڻ ۽ ازدواجي زندگيءَ ۾ ناجائز لاڳاپن جي اثرن بابت پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن حنا بياض ڪيترن ئي مقبول ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، جن ۾ اڏام، عشق گم شده، عون زارا، هم سفر، زندگي گلزار آهي، شهرِ ذات، خدا اور محبت 3، عشق جليبي، جنت سي آگي، خئي، جان نثار ۽ خمار شامل آهن. هوءَ سماجي مسئلن تي کلي ڳالهائڻ جي حوالي سان پڻ سڃاتي وڃي ٿي. تازو هڪ مارننگ شو ۾ شرڪت دوران حنا بياض مڙسن تي مڪمل ڀاڙيندڙ عورتن ۽ ازدواجي زندگيءَ ۾ بي وفائي جي اثرن بابت ڳالهائيندي چيو ته هن هڪ اهڙي جوڙي بابت ٻڌو، جنهن جي شادي کي اڃا ٻه سال به پورا نه ٿيا هئا ته طلاق ٿي وئي، جنهن جو سبب مڙس پاران زال کي مناسب وقت نه ڏيڻ ٻڌايو ويو. سندس چوڻ هو ته عورتن کي سمجهڻ گهرجي ته مڙس جڏهن ڪم تي وڃي ٿو ته کيس پنهنجي نوڪريءَ تي ڌيان ڏيڻو پوي ٿو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ سندس ذميواريون به وڌنديون وڃن ٿيون. حنا بياض چيو ته هن ڏٺو آهي ته هڪ مڙس هر ڇهن مهينن کانپوءِ پنهنجي زال کي گهمائڻ لاءِ به وٺي ويندو هو ۽ کيس وقت به ڏيندو هو، پر ان باوجود سندن طلاق ٿي وئي.اداڪارا موجب عورتن کي گهرجي ته پاڻ کي مصروف رکن ۽ مڙس جي انتظار ۾ وقت گذارڻ بدران ڪا نه ڪا مثبت سرگرمي اختيار ڪن. جيڪڏهن نوڪري نٿيون ڪري سگهن ته فلاحي ڪمن ۾ حصو وٺن ۽ پاڻ کي فائديمند سرگرمين ۾ مصروف رکن. آخر مڙس جي وقت تي ئي مڪمل ڀاڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ازدواجي زندگيءَ ۾ ناجائز لاڳاپن بابت ڳالهائيندي حنا بياض چيو ته اهڙا لاڳاپا ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿا ڪري سگهجن، ڇاڪاڻ ته اهي جيون ساٿي جي عزتِ نفس ۽ جذباتي تحفظ کي ختم ڪري ڇڏين ٿا.هن چيو ته اهو اهڙو معاملو آهي، جنهن تي ڪو به ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته اها رشتي ۾ سڀ کان وڏي بي وفائي آهي. جسماني لاڳاپن کي هڪ پاسي به رکجي ته به مڙس ۽ زال جو رشتو گهري جذباتي وابستگيءَ تي قائم هوندو آهي، جيڪو مضبوط هجڻ باوجود هڪ لمحي ۾ ٽٽي سگهي ٿو.










