ناري جي اغوا جي ڪوشش، ڳوٺاڻن کيس بچائي ورتو

ڪنب (صفدرچانڊيو) اغواڪار ڳوٺ جان محمد تمراڻي لنڪ روڊ تي ٽنڊو ڄام جي رهواسڻ  شادي شده ناري مسمات نازيه زال عبدالستار مڱڻھار کي ڪار ۾ اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته ناري ء جي ٻارڙن جي دانهن تي ڳوٺاڻا پهچي ويا. ڳوٺاڻن ۽ اغوا ڪارن  وچ ۾ فائرنگ ٿي جڏھن ته ڳوٺاڻن همٿ ڪري  اغوا ڪندڙ بابو وساڻ سميت ٽن ڄڻن کي سوگهو ڪري ناري سميت ڪنب پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ناري جو چوڻ هو ته مونکي ارشاد علي ولد امداد لاشاري ويٺل ڳوٺ بکو لاشاري ڪوٽڏيجي اغوا ڪري بابو وساڻ جي حوالي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته هاڻ پنهنجي مڙس وٽ وڃڻ چاهيان ٿي هوڏانهن ڪنب پوليس ارشاد لاشاري جي گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهي آهي پر هو اڃا هٿ نه اچي سگهيو آهي. ڪنب پوليس اغوا ڪندڙ گروه جي ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي جڏھن ته ناري کي اغوا ڪندڙن مٿان هن مهل تائين ڪوبه ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو