سيوهڻ شريف (رميز علي سولنگي ) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ پاران اڳوڻي تعلقي صدر گل بيبي بلوچ جي اڳواڻي ۾ ليڊيز ونگ جي موجوده ضلعي صدر نسيم پير جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ پ جي جهوني جيالي گل بيبي بلوچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين پيپلز پارٽي جي بنيادي ڪارڪنن مان آهيون پر موجوده ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر نسيم پير اسان کي مسلسل نظرانداز ڪري رهي آهي، حق سچ چوڻ تي ليڊيز ونگ جي سينيئر اڳواڻ ڪلثوم خاصخيلي کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ مختلف طريقن سان ان کي حراسان ڪري رهي آهي جيڪا ليڊيز ونگ سان وڏي ناانصافي آهي، هن چيو ته نسيم پير کي پارٽي ۾ آئي ڪجهه سال ٿيا آهن پر اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي پارٽي ۾ ڪم ڪيو آهي، پيپلز پارٽي اسان جو گهر آهي، پر افسوس ته موجوده ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر نسيم پير پارٽي کي پنهنجي جاگير بڻائي ويٺي آهي، جيڪا به عورت ڪارڪن حقن خاطر آواز اٿاري ٿي ته نسيم پير ان جو آواز دٻائڻ لاء ان جي خلاف سازشون ڪري ٿي، هنن آخر ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پ پ پ سنڌ جي قيادت کان مطالبو ڪيو ته ڄامشوري ضلعي جي ليڊيز ونگ صدر نسيم پير کي هٽائي جيالين سان ٿيل ناانصافين ۽ ڌمڪين جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.










