صبا قمر جو پنهنجي شادي بابت موقف سامهون اچي ويو

صبا قمر جو پنهنجي شادي بابت موقف سامهون اچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني اداڪارا صبا قمر پنهنجي شاديءَ بابت افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
تازو ئي سوشل ميڊيا تي صبا قمر جي ڊسمبر مهيني ۾ شادي ٿيڻ بابت افواهون سامهون آيون هيون، پر هاڻي اداڪارا انهن افواهن کي رد ڪندي انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي شيئر ڪيل اسٽوريءَ ۾ اداڪارا انهن افواهن جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته: ”ڪير افواهون پکيڙي رهيو آهي ته منهنجي ڊسمبر ۾ شادي ٿي رهي آهي؟ سچ پڇو ته ڪم جي ڪري ايتري مصروف آهيان جو گهر وڃي ننڊ پوري ڪرڻ لاءِ به وقت نٿو ملي
هن طنزيه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن منهنجي شادي طئي آهي ته ڪارڊ مونکي به موڪلجو.

پهنجو تبصرو موڪليو