ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪا آهن ته عوام جو جيڪو فيصلو هوندو، اهو ئي سنڌ جي تقدير جو فيصلو ڪندو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ بابت ريفرنڊم ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ به هڪ طئي ٿيل طريقيڪار موجود آهي. هن چيو ته صوبي جي قيام لاءِ صوبائي اسيمبليءَ مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان بل منظور ڪرائڻ جو طريقو آئين ۾ موجود آهي. جن اسيمبلين صوبن ٺاهڻ بابت ٺهراءَ منظور ڪيا آهن، اهي ڀلي اڳتي وڌن، اسان کي ڪو اعتراض ناهي ناصر حسين شاهه چيو ته صدر زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير به آئين جي ڳالهه ڪن ٿا. صوبي بابت سنڌ اسيمبلي ۽ عوام پنهنجو واضح فيصلو ڏئي چڪا آهن، جنهن جو احترام ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته صدر زرداري ۽ گهرو وزير محسن نقوي جا لاڳاپا ذاتي نوعيت جا آهن، تنهنڪري سندن ملاقات بابت قياس آرائي مناسب ناهي.سندس چوڻ هو ته محسن نقوي جي صدر زرداري سان ملاقات نه ته صوبن جي معاملي تي هئي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي اهڙي موضوع تي. صدر زرداري سان سندس ذاتي لاڳاپا آهن، جنهن سبب هو ملاقات لاءِ آيو هو. ٻنهي وچ ۾ ڪجهه معاملن تي ضرور ڳالهه ٻولهه ٿي هوندي. پيپلز پارٽي اڳواڻ چيو ته ملاقات بابت جيڪي قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن، انهن مان ڪا به ڳالهه ملاقات ۾ بحث هيٺ نه آئي. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو کي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ ڪنهن سفارش جي ضرورت ناهي. اسان ايم ڪيو ايم کي سنجيدگيءَ سان نٿا وٺون، اسان کي ته انهن سان همدردي آهي، کين پهريان پنهنجا اندروني مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.










