ڌاٻيجي پمپ هائوسز جي بجلي بند، پاڻي فراهمي متاثر

ڌاٻيجي پمپ هائوسز جي بجلي بند، پاڻي فراهمي متاثر

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) مرمتي ڪم سبب ڌاٻيجي جي مختلف پمپ هائوسز جي بجلي عارضي طور بند ڪئي وئي، جنهن سبب شهر کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي آهي. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب بجلي بند ٿيڻ سبب ڌاٻيجي جا 21 مان 9 پمپ بند آهن، جڏهن ته 12 پمپن ذريعي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. ترجمان ٻڌايو ته حب پمپنگ اسٽيشن تان پڻ شهر کي پاڻي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي. هن چيو ته بجلي بند هجڻ سبب ڪراچي کي لڳ ڀڳ 130 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته شهر کي روزانو 650 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو