شاداب خان آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيزرٽ وائپرز جو ڪپتان مقرر

شاداب خان آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيزرٽ وائپرز جو ڪپتان مقرر

دبئي)ويب ڊيسڪ) پاڪستاني آل رائونڊر شاداب خان کي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي جي ٽيم ڊيزرٽ وائپرز جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. شاداب خان ليگ جي پنجين سيزن ۾ ڊيزرٽ وائپرز جي قيادت ڪندو. هو ٽيم جو ٽيون مستقل ڪپتان هوندو. اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ٽام موڊي جو چوڻ آهي ته شاداب خان وٽ قيادت جو وسيع تجربو آهي. هن چيو ته شاداب نه رڳو هڪ بهترين رانديگر آهي، پر ڪپتان طور به شاندار صلاحيتون رکي ٿو. واضح رهي ته شاداب خان کان اڳ ڪولن منرو ۽ لوڪي فرگوسن ڊيزرٽ وائپرز جي قيادت ڪري چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو