اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي سزائن خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف 18 نومبر تي اپيلن جي ٻڌڻي ڪندا.عدالت سزا خلاف داخل اپيلن تي وڪيلن کان دليل طلب ڪري رکيا آهن.










