ڪراچي)ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رؤف صديقي جي گاڏيءَ کي سعودي عرب ۾ مديني منوره ويندي حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ۽ سندس گهرواري زخمي ٿي پيا.رؤف صديقي جي گهرڀاتين حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻنهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.سنڌ جو اڳوڻو صوبائي وزير صنعت ۽ واپار رؤف صديقي پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ مڪي مڪرمہ کان مديني منوره وڃي رهيو هو ته رستي ۾ سندس گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي.رؤف صديقي عمري جي ادائيگيءَ لاءِ پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ سعودي عرب ۾ موجود آهي.










