ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي عورتن واري ونگ جي صدر فريال ٽالپر چيو آهي ته صوبن بابت ڪا آئيني تجويز يا مسودو سامهون آيو ته ان تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. صحافين سان ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي ترقيءَ جو ڀيٽ ڪرڻ وارا غلط ڪن ٿا، سنڌ ۾ به ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن.










