راجا ريحان ويانا اوپن 2026ع ۾ گولڊ ميڊيل کٽي ورتو

راجا ريحان ويانا اوپن 2026ع ۾ گولڊ ميڊيل کٽي ورتو

ويانا (ويب ڊيسڪ) آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ويانا ۾ ٿيل 23هين انٽرنيشنل ويانا اوپن ڪراٽي چيمپيئن شپ ۾ جرمنيءَ جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستاني ڄائي رانديگر راجا ريحان شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي گولڊ ميڊيل پنهنجي نالي ڪري ورتو.مقابلي ۾ يورپ جي 13 ملڪن جي 56 ٽيمن جي 412 رانديگرن حصو ورتو. سينيئرز جي 60 ڪلوگرام ڪيٽيگريءَ جي فائنل ۾ راجا ريحان جو مقابلو آسٽريليا جي رانديگر لينگ مارڪس سان ٿيو. ٻنهي رانديگرن وچ ۾ سخت ۽ دلچسپ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ اسڪور 5-5 تان برابر رهيو، تنهن هوندي به راجا ريحان بهترين راند ۽ فيصلائتي برتريءَ جي بنياد تي ڪاميابي ماڻي گولڊ ميڊيل کٽي ورتو. راجا ريحان جي ان ڪاميابيءَ تي جرمنيءَ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ۽ راندين سان لاڳاپيل حلقن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي آهي. سندس ڪاميابيءَ کي پاڪستاني برادريءَ لاءِ فخر جوڳو ڪارنامو قرار ڏنو پيو وڃي. راجا ريحان جي اها ڪاميابي عالمي راندين جي ميدان ۾ پاڪستاني ڄائي رانديگرن جي صلاحيتن، محنت ۽ قابليت جو هڪ نمايان ثبوت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو