بنون (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي ڪندي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. خيبرپختونخوا ۾ عزمِ استحڪام جي ويزن تحت فتنه الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جون اثرائتيون ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ ڪارروائي دوران 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.سيڪيورٽي ذريعن موجب علائقي ۾ ممڪن طور موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ پرعزم آهن.










