دادو،نياڻي سان زيادتي، پيءُ سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل،4 گرفتار

دادو،نياڻي سان زيادتي، پيءُ سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل،4 گرفتار

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)دادو شهر ۾ پنهنجي ئي پيءُ هٿان جنسي درندگي جو نشانو بڻجندڙ 16 سالا نياڻي (آ-ر) سان زيادتي جو واقعو رپورٽ ٿيڻ تي ترجمان ايس ايس پي آفيس موجب ايس ايس پي دادو _ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي واقعي جو فوري ۽ سخت نوٽيس وٺندي متاثر نياڻي کي فوري تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ جوابدار جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا متاثر نياڻي پوليس کي شڪايت ڪئي ته سندس پيءُ علي نواز رند کيس ڪجهه عرصي کان جنسي درندگي جو نشانو بڻائيندو رهيو، ان حوالي سان هن پنهنجي والده ۽ ٻين گهر وارن کي شڪايتون بہ ڪيون ان باوجود سندس دادرسي ڪرڻ بدران خاموش رهڻ لاءِ چيو ويو جنهن کانپوءِ هن پاڻ سان ٿيندڙ ظلم جي ثبوت طور وڊيو رڪارڊ ڪئي ۽ موقعو ملڻ تي شڪايت کڻي پوليس وٽ پهتي.واقعي جو ايس ايس پي دادو سختي سان نوٽيس وٺندي نياڻي کي تحفظ فراهم ڪري فوري ڪاروائي ڪرڻ ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس کي سخت هدايتون جاري ڪيون پوليس پاران متاثر نياڻي جي فرياد تي ٿاڻي بي سيڪشن دادو ۾ ڪيس گناھ نمبر 169/2026 قلم 376، 201، 506، 34 ت پ تحت جوابدار علي نواز رند ۽ هن غليظ عمل ۾ سندس ساٿ ڏيندڙ ٻين گهر وارن جوابدار جي زال مسمات ڀاشر، متاثر نياڻي جو چاچو مولابخش، سؤٽ اسلم، ڀيڻ عائشا ۽ چاچي زرينہ خلاف داخل ڪري جاچ جو آغاز ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي دادو سٽي انور علي شيخ ۽ انچارج وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل انسپيڪٽر بينظير جمالي, ایس ایڇ او بي سيڪشن مظهر نائچ جي اڳواڻي ۾ پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ جوابدارن جي رهائش گاھ تي ڇاپو هنيو جتي جوابدار علي نواز رند ۽ سندس ڀاءُ سميت ٻين گهر وارن جنهن ۾ عورتون بہ شامل هيون انهن پوليس سان مزاحمت ڪندي پوليس تي شديد فائرنگ ڪئي علائقي ۾ هنگامو ڪري ڏھڪاء ڦهلايو جنهن دوران جوابدار علي نواز رند ٻين جوابدارن سميت موقعي تان فرار ٿي ويو جڏهن تہ پوليس ڪاروائي دوران هٿيارن سان ليس هڪ مرد سميت ٽن عورتن کي موقعي تي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ٿيلن ۾ جوابدار درياء ولد حيات رند، جوابدار علي نواز رند جي زال ڀاشر، جوابدارڻ زرينہ ۽ جوابدارڻ عائشا رند شامل آهن جن جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف، هڪ رپيٽر ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪيا ويا سڀني جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس جنهن ۾ انسدادِ دهشتگردي ايڪٽ جا قلم به شامل آهن داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته هٿيار هٿ اچڻ جا بہ اسلحہ ايڪٽ تحت جدا ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.جڏهن ته، متاثر نياڻي کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي جنهن کي اڄ لاڳاپيل عدالت ۾ مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪيو ويندو جڏهن تہ فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ڇاپا مار ڪاروايون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو