سمورن رستن تي پوليو ويڪسينيشن جا انتظام سخت ڪرڻ جو حڪم

سمورن رستن تي پوليو ويڪسينيشن جا انتظام سخت ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه هدايت ڪئي آهي ته صوبي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليو کان بچاءَ جي ڦڙن پيارڻ وارن انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي ۽ بس اڏن، ريلوي اسٽيشنن توڙي ٻين ٽرانزٽ پوائنٽن تي پوليو ٽيمون مقرر ڪيون وڃن.هن ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جي ڦڙن کان محروم نه رهي ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ خاندانن جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ يقيني بڻايا وڃن.آصف حيدر شاهه چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ٽرانزٽ پوائنٽن تي پوليو ٽيمن جي موجودگيءَ جو پاڻ جائزو وٺن ۽ مسافرن جي اچ وڃ وارن وقتن ۾ ٽيمن جي موجودگي يقيني بڻائين.هن چيو ته صحت، ٽرانسپورٽ ۽ ريلوي کاتن جا عملدار ٻارن جي ويڪسينيشن لاءِ پاڻ ۾ اثرائتو رابطو قائم ڪن، جڏهن ته عارضي رهائشگاهن ۾ موجود ٻارن تائين به پوليو ٽيمون پهچن.چيف سيڪريٽري سنڌ هدايت ڪئي ته ويڪسين کان رهجي ويل ٻارن جي نشاندهي ڪري کين فوري طور پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو