اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل مهيني 1930 ڪيسن جا اڪلايا ويا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل مهيني 1930 ڪيسن جا اڪلايا ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گذريل مهيني 10 سنگل ۽ 5 ڊويزن بئنچن پاران اڪلائيندڙ ڪيسن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڪٽوبر مهيني دوران 1930 ڪيسن جا فيصلا ڪيا، جن ۾ جسٽس شاهه رخ ارجمند 364 ڪيس اڪلائي سڀني کان اڳتي رهيو.جسٽس شاهه رخ ارجمند لڳاتار ٻئي مهيني سڀ کان وڌيڪ ڪيس اڪلائيندڙ جج رهيو، جڏهن ته جسٽس انعام امين منہاس جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ 172 ڪيسن جا فيصلا ڪيا.ڊويزن بئنچ پاران اڪلائيندڙ 172 ڪيسن مان 100 کان وڌيڪ فيصلن جا تفصيلي حڪم جسٽس شاهه رخ ارجمند لکيا، جڏهن ته جسٽس انعام امين منہاس جي بئنچ قتل جي 18 ريفرنسز جا فيصلا پڻ ٻڌايا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 10 سنگل بئنچن آڪٽوبر ۾ 1606 ڪيس اڪلائيا، جڏهن ته 5 ڊويزن بئنچن 324 ڪيسن جا فيصلا ڪيا.اهڙيءَ ريت آڪٽوبر مهيني دوران سنگل ۽ ڊويزن بئنچن مجموعي طور 1930 ڪيس اڪلائي ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو