پشاور)ويب ڊيسڪ) پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي وڌيڪ نقصان ڏيندڙ ٽرانسفارمرن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.پيسڪو اختيارين موجب رشيد ڳڙهي جي علائقن غفور آباد، ڳڙهي حيات خان ۽ فضل رحيم ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جتي بقايا بلن جي عدم ادائيگي سبب رشيد ڳڙهي جا 4 وڌيڪ نقصان ڏيندڙ ٽرانسفارمر بند ڪيا ويا.پيسڪو موجب انهن چئن ٽرانسفارمرن تي 72 لک رپين کان وڌيڪ جا بقايا آهن.آپريشن دوران بجلي جا 130 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪنڊا پڻ هٽايا ويا، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ هيل تائين 300 کان وڌيڪ ٽرانسفارمر بند ڪيا ويا آهن.










