لاهور ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 273 رڪارڊ، سموگ خلاف ڪارروايون تيز

لاهور ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 273 رڪارڊ، سموگ خلاف ڪارروايون تيز

لاهور)ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 273 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هوا جي رفتار 5 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ رخ اتر اولهه طرف آهي. وڏي وزير مريم نواز شريف جي هدايت تي سڄي پنجاب ۾ سموگ جي خاتمي ۽ ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن. سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي پنجاب ۾ صنعتي يونٽن، سرن جي بٺن، پلاسٽڪ جي استعمال ۽ ڪمرشل ڪچن جي نگراني لاءِ ڀرپور ميداني آپريشن ڪيو ويو.اختيارين موجب صوبي ۾ 258 صنعتي يونٽن جو معائنو ڪيو ويو، ڀڃڪڙين تي 5 يونٽ سيل ڪيا ويا، جڏهن ته 10 لک 30 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.اهڙيءَ طرح 452 سرن جي بٺن جي چڪاس دوران 3 بٺا ڊاهي پٽ، 4 سيل ۽ 4 خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته 7 لک رپيا ڏنڊ پڻ وڌو ويو.غير معياري پلاسٽڪ خلاف ڪارروائي ڪندي 153 هنڌن جي چڪاس ڪئي وئي، 3 هنڌ سيل ڪيا ويا، 1462 ڪلوگرام پلاسٽڪ ضبط ڪئي وئي ۽ 65 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.باربي ڪيو ۽ ڪمرشل ڪچنز خلاف ڪارروائي دوران 121 هنڌن جو معائنو ڪيو ويو، 12 هنڌ سيل ڪيا ويا، 63 هنڌن تي سکشن هڊز لڳايا ويا، جڏهن ته هڪ لک 80 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو. دونهين جي اخراج تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪمرشل ڪچنز ۽ باربي ڪيو پوائنٽس تي سکشن هڊز لڳائڻ ۽ انهن جي اثرائتي نموني ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. اختيارين موجب ڊرون اسڪواڊ، نائيٽ اسڪواڊ ۽ هاڪ آءِ فيلڊ اسڪواڊ ذريعي آلودگي پکيڙيندڙ ذريعن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي. اڏامندڙ مٽيءَ جي روڪٿام لاءِ 17 هنڌن جو معائنو ڪيو ويو، جن مان 9 کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، هڪ هنڌ سيل ڪيو ويو ۽ ٻن هنڌن تي پاڻي ڇٽڻ وارا اسپرنڪلر لڳايا ويا. سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو ته آلودگيءَ جي مقامي ذريعن جي روڪٿام، مسلسل نگراني ۽ ميداني سطح تي قانونن تي عمل ڪرائڻ جون ڪارروايون گڏوگڏ جاري آهن، جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن شهرين ۽ واپاري ادارن کي اپيل ڪئي ته ماحولياتي تحفظ لاءِ حڪومتي قدمن ۾ سهڪار ڪن، آبادگار فصلن جا بقايا نه ساڙين، شهري غير ضروري طور گاڏيون روڊن تي نه آڻين ۽ پنهنجي گاڏين جي فٽنيس کي يقيني بڻائين. مريم اورنگزيب چيو ته دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون انساني صحت ۽ ماحول لاءِ نقصانڪار آهن، تنهن ڪري گاڏين کي فٽنيس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي روڊن تي آندو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو