پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان، ڪي پي  ۾ ملتوي

پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان، ڪي پي ۾ ملتوي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون روڪڻ ۽ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي سربراهي ۾ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اجلاس ۾ وفاقي حڪومت طرفان 4 نومبر تي جاري آرڊر غور هيٺ آيا ۽ آرڊر شق نمبر 2 جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته آرڊر جي تحت آئين جي آرٽيڪل 140 اي کي معطل ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون روڪڻ جو فيصلو جاري ڪيو.انهي کان اڳ 28 آڪٽوبر تي اليڪشن ڪميشن ايمرجنسي وارن ضلعن کان سواءِ خيبرپختونخواهه ۽ ٻين ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جو حڪم ڏنو هو.ٻئي طرف اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پنجاب ڪابينه ڪميٽي ۽ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ پنجاب حڪومت 15 ڊسمبر کان 15 جنوري جي دوران چونڊون ڪرائڻ جو چيو هو. انهي تي چيف سيڪريٽري پنجاب چيو ته مڪاني چونڊن جي تياري مڪمل آهي پر انتظامن جي لاءِ وڌيڪ 2 مهينا گهرجن، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ ڪوهيڙو چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. سياري ۾ ووٽ ٽرن آئوٽ به گهٽ رهندو آهي. درخواست آهي ته 20 جنوري کان پوءِ جي تاريخ ڏني وڃي.جنهن کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر چيف سيڪريٽري پنجاب جي درخواست منظور ڪندي پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو 7 فيبروري تي منعقد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو