قلندر جي پانڌيئڙن پاران روڊ بلاڪ، پوليس خلاف نعرا

ڳڙهي ياسين(شفيق مھر) رانجھن پور کان سيوهڻ ويندڙ زائرين پوليس پاران ڀتو اڳاڙڻ ۽ نوجوان کي گرفتار ڪرڻ خلاف کيرٿر ڪينال پل تي ڌرڻو، لاڙڪاڻو شڪارپور انڊس ھاءِ وي روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس کانئن تلاشي جي بهاني 50 ھزار روپيا روڪ کسيا آهن ۽ هڪ نوجوان کي گرفتار ڪيو آهي. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ محمد اڪرم لنجواڻي ٻڌايو ته اسان ھر سال جيان رانجهن پور کان سيوهڻ زيارت لاءِ وڃي رهيا هئا سين ته ڳڙهي ياسين کيرٿر ڪينال پل تي ايس ايڇ او امتياز کوسو چيڪنگ جي بھاني بنا جواز اسان جي گاڏين کي بيھاري پيسن جي گھر ڪئي پيسا نه ڏيڻ تان ھن اسان مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد گاڏي ۾ ويٺل منهنجي نوجوان پٽ رحم علي لنجواڻي کان 50 ھزار ڦُر ڪرڻ بعد کيس کنڀي گُم ڪري ڇڏيو آهي ھنن چيو ته جيستائين ڦُر ٿيل پيسا واپس ڪري کنڀيل نوجوان کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو جاري رھندو ان ڏس ۾ ايس ايڇ او امتياز کوسو ٻڌايو ته مون شڪ جي بنياد تي گاڏين کي روڪي ڪاغذ چيڪ ڪيا ھڪ گاڏي جا ڪاغذ نه ھجڻ تي رحم علي لنجواڻي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي ويھاريو آهي گاڏي جا ڪاغذ ڏيکاري پنهنجي نوجوان کي وٺي وڃن باقي پيسا گھرڻ ۽ ڦُر ڪرڻ وارو الزام ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو