ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل ۽ تعميراتي ڪمن جو معيار يقيني بڻائڻ لاءِ انهن منصوبن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. شهرين کي پيش ايندڙ ڏکيائين جو احساس آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪري عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لياري ۾ تعمير هيٺ مرزا آدم خان روڊ جي دوري دوران ڪيو، جتي انجنيئرنگ کاتي جي آفيسرن کيس جاري ترقياتي ڪمن جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني.ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته مرزا آدم خان روڊ لياري جي اهم رستن مان هڪ آهي، جنهن تان روزانو هزارين شهري گذرن ٿا. هن روڊ جي بحاليءَ سان علائقي جي رهواسين کي اچ وڃ ۾ سهولت ملندي ۽ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٻڌايو ته روڊ جي چئن ڪلوميٽرن ڊگهي حصي جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي ۽ هينئر تائين لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته باقي حصي تي پيور بلاڪ لڳائڻ سميت ٻين ڪمن کي به تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مرزا آدم خان روڊ جي باقي حصي تي پيور بلاڪ لڳائڻ جو ڪم ايندڙ هڪ مهيني اندر مڪمل ڪيو وڃي، جيئن شهرين کي جلد کان جلد بهتر ۽ محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته تعميراتي ڪم مقرر ڪيل معيار موجب مڪمل ڪيا وڃن ۽ منصوبي جي تڪميل ۾ غير ضروري دير کان پاسو ڪيو وڃي.ميئر ڪراچي چيو ته ترقياتي منصوبن جي معيار تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. لاڳاپيل آفيسر ڪم جي رفتار سان گڏ تعميراتي معيار تي به خاص ڌيان ڏين. هن واضح ڪيو ته ترقياتي ڪمن جي نگرانيءَ جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته عوامي وسيلن جو صحيح استعمال ٿئي ۽ شهرين کي انهن منصوبن جا فائدا جلد حاصل ٿين. شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري منصوبن جو جائزو وٺڻ جو سلسلو به ان ئي مقصد تحت جاري آهي، جيئن موقعي تي ڪمن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺي ضروري هدايتون ڏئي سگهجن.ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچيءَ جي ترقي ۽ شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. لياري هجي يا ملير، شهر جي سمورن علائقن ۾ بنا ڪنهن فرق جي ترقياتي ڪم جاري رکڻ چاهيون ٿا، جيئن هر علائقي جي رهواسين کي بهتر رستا ۽ معياري بلدياتي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ ڪراچيءَ جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.










