ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ

ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم ليوي جي خاتمي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جا مطالبا نه مڃيا ته نومبر جي وچ ۾ اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪنداسين. هن خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي به مذمت ڪندي انهي کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ ايمرجنسي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻي پوندي، ڇو ته عوام تي ٽيڪسز جو بار وڌي رهيو آهي، جڏهن ته مافياز جي منافعي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت احتجاج جي نتيجي ۾ پيٽروليم قيمتن ۾ رليف ڏنو پر اهو ڪافي نه آهي، وزيرن هڪ دفعو ٻيهر جماعت اسلامي جي ڪميٽي سان رابطو ڪيو آهي، پر پارٽي پنهنجي موقف تي قائم آهي. وزيراعظم سان ملاقات ۾ رليف جي معاملي تي اڳڀرائي ٿئي ته انهي شام اهم اعلان ڪنداسين.هن چيو ته آئل ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽ ڪمپنين جي منافعي ۽ مارجن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي فائدو پهچايو ويو آهي. حڪومت کي وياج جي خاتمي ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي جي لاءِ به قدم کڻڻ گهرجن. حافظ نعيم جو چوڻ هو ته حڪومتي پاليسين سبب عوام ۾ ڪاوڙ وڌي رهي آهي، عوام کي رليف ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو.عدالتي نظام تي تنقيد ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته عدالتن ۾ لکين ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن. 26هين آئيني ترميم سان عدالتي نظام وڌيڪ ڪمزور ٿيو آهي. هن چيو ته عدالت کان مٿانهين قتل سان انصاف جو نظام صحيح نٿو ٿي سگهي. حڪومت وٽ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ پاليسي نه آهي. فلسطين جي صورتحال تي حافظ نعيم الرحمان چيو ته غزه ۾ اسرائيلي تباهي سبب غذائي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، پر عالمي طاقتون ۽ مسلمان ملڪ موثر ادا نه ڪري رهيا آهن.هن مسلمان حڪمرانن ۽ پيس بورڊ کان سوال ڪيو ته اهي فلسطينين جي مدد لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهيا آهن هن جو چوڻ هو ته فلسطينين جي حق ۾ موثر عالمي آواز اٿارڻ ۽ مسلمان ملڪن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو