چوهڙجمالي:(ن س) چوهڙجمالي ڀرسان شاهبندر جي سامونڊي تڙ سِير ڪريڪ وٽان ڪيڪڙي جو شڪار ڪندي سامونڊي حد پار ڪرڻ تان 4 پاڪستاني مهاڻا گرفتار ڪيو ويو سندن ٻيڙي ضبط ڪئي پئي،وارث پريشاني جا شڪار ٿي ويا، ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس (BSF) گجرات جي سِير ڪريڪ واري علائقي مان سامونڊي حدون پار ڪرڻ تي 4 سجاول واسي مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندن ٻيڙي به تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي. ڀارتي فورسز هٿان گرفتار ٿيل مهاڻن ۾ قادر ٿهيمور، محمد موسيٰ، اصغر ٿهيمور ۽ احسان جت شامل آهن. چئني مهاڻن جو تعلق سنڌ جي ساحلي علائقي شاهبندر سان آهي، جڏهن ته ضبط ڪيل ٻيڙي جو مالڪ عارب ٿهيمور ٻڌايو پيو وڃي.انهي حوالي سان فشر فوڪ فورم طرفان چيو ويو آهي ته سِير ڪريڪ جو علائقو پنهنجي پيچيده جاگرافي، دلدلي رستن ۽ سمنڊ جي مدوجزر سبب هميشه کان مهاڻن لاءِ انتهائي حساس رهيو آهي. سامونڊي حدن جي واضح حدبندي نه هجڻ ڪري ٻنهي ملڪن جي مهاڻن جي گرفتاري جا واقعا اڪثر پيش ايندا رهيا آهن، جنهن جي سزا غريب مهاڻن جي خاندانن کي ڀوڳڻو پوي ٿي.فشر فوڪ فورم ۽ نوري ڊولپمينٽ فائونڊيشن مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار پاڪستاني مهاڻين جي خيريت، قانوني حيثيت ۽ موجوده صورتحال بابت فوري ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي ۽ سندن جلد رهائي ۽ ملڪ واپسي لاءِ انساني بنيادن تي ضروري قدم کنيا وڃن. مهاڻا سمنڊ مان روزي ڪمائين ٿا، سندن مسئلن کي انساني بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سندن خاندانن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري آهي.










