سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو

سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ٻارڻ واري تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافو جو سلسلو ٽٽڻ کان پوءِ عالمي ۽ مقامي بلين مارڪيٽ ۾ 7 ڏينهن جي وقفي کان پوءِ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو.عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 14 ڊالر جي اضافي سان 4 هزار 9 ڊالر جي سطح تي اچي ويو، جنهن سبب مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به سومر تي في سولو سون جي قيمت 1 هزار 400 روپن جي اضافي سان 4 لک 23 هزار 436 روپيه ٿي وئي. اهڙي طرح في 10 گرام سون جي قيمت به 1 هزار 201 روپين جي اضافي سان 3 لک 63 هزار 28 روپين جي سطح تي اچي وئي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس چاندي جي قيمت 20 سينٽس جي اضافي سان 54 ڊالر جي سطح تي اچڻ سبب مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به في تولو چاندي جي قيمت 20 روپين جي اضافي سان 5 هزار 878 روپيه ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت به 17 روپين جي گهٽتائي سان 5 هزار 039 روپين جي سطح تي اچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو