ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايل پي جي جا اگهه گهٽجي نه سگهيا آهن، في ڪلو قيمت 600 کان 650 رپين تائين برقرار آهي. لاهور ۾ ايل پي جي جا دڪان واپارين جي هڙتال سبب ٻئي ڏينهن به بند رهيا، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ ايل پي جي جي اگهه ۾ 30 رپيا في ڪلو گهٽتائي کانپوءِ قيمت 520 رپيا ٿي وئي آهي.پشاور ۾ ايل پي جي 570 رپيا، اٽڪ ۾ 600 رپيا، جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 600 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ ايل پي جي جي قيمت 550 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. ٻئي پاسي ڪڪڙ جو گوشت به مهانگو ٿي ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪڪڙ جو گوشت 740 رپيا، لاهور ۾ 640 رپيا ۽ ڪوئيٽا ۾ 650 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته عمان مان ايل پي جي کڻي ايندڙ ٻه سامونڊي جهاز پاڪستان پهچي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ايل پي جي جي اگهن ۾ گهٽتائي جا امڪان روشن ٿي ويا آهن.










