ذهانت ۽ قابليت کي غربت يا اميري ۾ قيد نه هجڻ گهرجي

ذهانت ۽ قابليت کي غربت يا اميري ۾ قيد نه هجڻ گهرجي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ذهانت ۽ قابليت کي غربت يا امارت ۾ قيد نه هجڻ گهرجي، هوشيار شاگردن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ عظيم شروع ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ نوازشريف جي صدارت هيٺ 6 لک شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا.وزيراعظم شهباز شريف اها ڳالهه سموري ملڪ جي 5 لک هوشيار اسڪول، مدرسن جي شاگردن کي ميرٽ تي ڪروم بڪس ۽ انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي.وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي تعليم سان روشناس ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي ڪروم بڪس فراهم ڪئي پئي وڃي. باصلاحيت شاگرد پاڪستان جو حقيقي اثاثو آهن، 5 لک شاگردن ۾ ڪروم بڪس 2 سالن جي مدي ۾ ورهايا ويندا.شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي هوشيار شاگردن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ عظيم سفر جي شروعات ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ نوازشريف جي اڳواڻي ۾ 6 لک شاگردن ۾ ليپ ٽاپس ورهايا ويا.هن جو چوڻ هو ته ذهانت ۽ قابليت کي غربت يا امارت ۾ قيد نه هجڻ گهرجي، اهو صرف محنت جي بنياد تي هجڻ گهرجي، دانش اسڪولن ۾ کاڌي ۽ رهائش جي سهولت به فراهم ڪئي پئي وڃي.انهي تقريب جي حوالي سان سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ ٻڌايو هو ته تقريب ۾ سموري ملڪ مان نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو