ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته عالمي تڪرارن نه، پر حڪومتي نااهلي ۽ ناڪام معاشي پاليسين جي ڪري مهانگائي سميت عام واهپي وارين شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. حڪومتي ٽولو من گهڙت ڳالهيون ڪري پيٽرول تي ليوي ڀتي سميت عوام مٿان ٽيڪسن جي ڀرمار ڪري عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، جن پنهنجي قهري ڪارواين ذريعي ۽ ڪچي توڙي پڪي جي ڌاڙيلن جو فرق ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ديانتدار قيادت، ڪفايت شعاري ۽ خودداري سان ئي ملڪ کي بحرانن ۽ عوام کي مسئلن مان نجات ڏياري سگهجي ٿو. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ بُک بدحالي عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، ٻئي طرف حڪمران ٽولو پنهنجو شاهاڻو انداز ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. جنگ ايران ۽ آمريڪا ۾ هلندڙ هئي ته شهباز حڪومت ان جو بهانو بڻائي تيل جا اگهه چاڙهي ڇڏيا انڪري ڪنهن به ملڪ جي ڪاميابي رڳو معاشي منصوبن توڙي انگن اکرن سان نٿي ماپي سگهجي ان جو اصل معيار شهرين جي زندگي جو معيار ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي. زرعي ملڪ هجڻ باوجود اٽو مهانگو ٿيڻ حڪومتي ڪرپشن ۽ ناانصافي جو نتيجو آهي. اٽو، کنڊ، ڀاڄين ۽ گوشت سميت عام واهپي وارين شين سميت ايل پي جي، بجلي توڙي گئس جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي عام ماڻهو جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پر قومي اسيمبلي، سينيٽ ميمبرن سميت وزيرن، مشيرن، ججن، جرنيلن جي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ بدران چئوڻ تي اضافو عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. عوام هاڻي آزمايل ۽ ظالم ٽولي بدران حافظ نعيم الرحمٰن جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي پُرامن جدوجهد ۾ ساٿ ڏئي ڪامياب ڪري ته جيئن سندن دردن جو درمان ۽ ظلم کان نجات ملي سگهي.#










