ڪنڊيارو ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا قتل، 4 زخمي

ڪنڊيارو ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا قتل، 4 زخمي

نوشهروفيروز (ن س) ڪنڊيارو ڀرسان بکري ٿاڻي جي حد خيروديرو ۾ پاڻي جي واري، زميني تڪرار ۽ سڱاوتي معاملي تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل خوني جهيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي جو ڪيس بکري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 9 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب جهيڙي دوران هڪ ڌر جا راجا ڪلهوڙو، ضمير ڪلهوڙو ۽ جبار ڪلهوڙو قتل ٿي ويا، جڏهن ته ٻي ڌر جو سڀاڳو ڪلهوڙو پڻ مارجي ويو. واقعي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج هلندڙ آهي. مسمات صاحبه زادي، زال اعجاز ڪلهوڙو جي فرياد تي پيرل ڪلهوڙو، نادر ڪلهوڙو ۽ مستي خان ڪلهوڙو سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي جي سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو