بلوچستان ۾ آپريشن، فتنه الخارج  جو ڪمانڊر مارجي ويو

بلوچستان ۾ آپريشن، فتنه الخارج جو ڪمانڊر مارجي ويو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ ’آپريشن ردالفتنه 3‘ تحت قلعه سيف الله ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جي دهشتگرد ڪمانڊر عادل شاهه عرف درويش کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد ڪمانڊر ڊسمبر 2020ع کان فتنه الخوارج سان لاڳاپيل هو، جڏهن ته 2024ع کان هو دهشتگرد گروهه جي مالي معاملن جي نگراني ڪري رهيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد غير مقامي دهشتگردن کي ژوب، شيراني ۽ شعبان وارن علائقن ۾ رهائش فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هو. ان کان علاوه هو 2022ع ۽ 2023ع کان سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ به ملوث رهيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل خارجي ڪمانڊر خلاف دهشتگرديءَ جي خاتمي وارين عدالتن ۾ 19 ڪيس داخل هئا، جڏهن ته سندس گرفتاريءَ ۾ مدد لاءِ 25 لک رپيا انعام مقرر ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو