ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ علاج هيٺ منڪي پاڪس ۾ مبتلا ٻار فوت ٿي ويو. اسپتال جي ذريعن موجب ٻار کي 12 آڪٽوبر تي اسپتال آندو ويو هو، ان وقت سندس عمر 52 ڏينهن هئي. ذريعن موجب سنڌ ۾ هلندڙ سال منڪي پاڪس جي ڪيسن جو انگ وڌي 101 ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي ٻارن ۾ منڪي پاڪس جي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪارروائي ڪندي 20 آڪٽوبر تي ڪورنگي ۾ هڪ خانگي اسپتال کي سيل ڪيو هو.










