ايمان مزاري جو قلم 342 تحت بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار

ايمان مزاري جو قلم 342 تحت بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ بيريئر هٽائڻ واري ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي قلم 342 تحت بيان رڪارڊ نه ڪرايو. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) جي جج طاهر عباس سپرا اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايمان مزاري ۽ هادي علي پنهنجا بيان رڪارڊ نه ڪرايا. هادي علي جو چوڻ هو ته سندن بدران اسٽيٽ ڪائونسل بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏي. ان تي جج طاهر عباس سپرا چيو ته قلم 342 تحت بيان عدالت ۽ جوابدارن وچ ۾ هوندو آهي، تنهن ڪري بيان پاڻ جوابدارن کي ئي رڪارڊ ڪرائڻو پوندو. جواب ۾ ايمان مزاري چيو ته هوءَ قلم 342 تحت بيان رڪارڊ نه ڪرائيندي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ٻنهي کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. جج چيو ته جيڪڏهن جوابدار قلم 342 جي سوالن جا جواب نه ڏيندا ته عدالتي حڪم ۾ اهو لکيو ويندو ته انهن جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو