ڪي پي جو ايندڙ وڏو وزير وفاق جي حمايت وارو هوندو

ڪي پي جو ايندڙ وڏو وزير وفاق جي حمايت وارو هوندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ دعويٰ ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا جو ايندڙ وڏو وزير وفاقي حڪومت جي حمايت سان ايندو، جڏهن ته تحريڪ انصاف مان هڪ ميمبر کي ڌار ڪري ايندڙ وڏي وزير طور تيار ڪيو ويو آهي. گفتگو ڪندي ڪامران مرتضيٰ چيو ته محمود اچڪزئي اپوزيشن ليڊر آهن ۽ اسان سندس عزت ڪريون ٿا، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر نه بڻجندو. هن چيو ته حڪومتي رضامندي ۽ مدد سان خيبرپختونخوا اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ اندر فارورڊ بلاڪ ٺاهيو ويندو، جنهن ذريعي اڳتي جا معاملا هلايا ويندا. ڪامران مرتضيٰ چيو ته جمهوري طريقي سان اڳتي وڌڻ ۾ ئي مسئلي جو حل آهي. پي ٽي آءِ برقرار رهندي ۽ ڪنهن کي به پارٽيءَ سان مسئلو ناهي. هن چيو ته جي يو آءِ (ف) خيبرپختونخوا جي حوالي سان پنهنجي جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ ڪنهن ٻي جماعت جي پروگرام بدران پنهنجي منشور تي هلي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا مان دهشتگرديءَ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي. ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت محفوظ هجڻ گهرجي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ڪوششون رڳو اعلانن تائين محدود نه رهڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو