ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 2500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 22 هزار 36 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙيءَ طرح 10 گرام سون جو اگهه 2144 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 3 لک 61 هزار 827 رپيا ٿي ويو آهي.ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 25 ڊالر گهٽجي 3995 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.










