اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيشنل سيوِنگز سينٽر ۾ مقرر آفيسر نويد الله کي رٽائرمينٽ تي پينشن ۽ ٻيون مراعتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس شاهه رخ ارجمند لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي ناڻي واري وزارت ۽ لاڳاپيل اختيارين کي نويد الله جي پينشن ۽ مراعتون فوري طور جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پينشن ڪا خيرات، رعايت يا عطيو نه، پر ملازم جو قانوني ۽ آئيني حق آهي. ناڻي واري وزارت جو موقف هو ته ملازم جي ڪانٽريڪٽ تي مقرري وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نه ٿي هئي. عدالتي رڪارڊ موجب نويد الله 28 مئي 1995ع تي خوراڪ واري وزارت ۾ گريڊنگ انسپيڪٽر طور ملازمت شروع ڪئي، جڏهن ته 16 آگسٽ 1997ع تي سندس خدمتون مستقل ڪيون ويون. عدالت موجب نيشنل سيوِنگز سينٽر منتقل ٿيڻ کانپوءِ ملازم کي 2012ع ۾ ريگيولر ۽ 2015ع ۾ مستقل ڪيو ويو هو.










